پورن کٽواڻي سائل

پورن کٽواڻي ’سائل‘: پورن کٽواڻي ’سائل‘ پڊعيدن سنڌ ۾ جنم ورتو. پورن ”سائل هڪ ئي وقت شاعر، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نگار ۽ اداڪار رهيو آهي. سندس ڪافي ڪتاب شايع ٿيل آهن. جن مان ڪي هي آهن:
(1) ”سهاڳڻ ڪملا“ (1965ع)، (2) ”پٿر يا پاڻي“ (1965ع)، (3) ”هڪ ڏوهاري“ (1970ع)، (4) ”قيمتي پٿر“ (1975ع)، (5) ”عاشقي اشارا“ (1975ع).
هي هندستان جي شهر انڊور ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو